عرفان حيدر عابدي مولانا

عرفان حيدر عابدي، مولانا: ناميارو خطيب ۽ شاعر، علامه سيد عرفان حيدر عابدي، 1950ع ڌاري خيرپور ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم خيرپور مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ بعد عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي والد ۽ چاچي کان حاصل ڪيائين. کيس ننڍيءَ ڄمار ۾ خطيب جي حيثيت سان تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ کيس بي انتها پذيرائي حاصل رهي. نه رڳو سنڌ، پر سموري ڏيهه ۾ نامياري خطيب طور سڃاڻپ حاصل ڪيائين. علامه عرفان حيدر عابدي، هڪ بهترين شاعر ۽ نثر نويس به هو. ان کان سواءِ ‘اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو ميمبر ۽ سنڌ اماميا ڪائونسل’ جي ڪنوينر طور ديني خدمتگار طور ڪم ڪيائين. هن ڪافي عرصو پي. ٽي. وي تان نشر ٿيندڙ ‘شامِ غريبان’ جي مجلسن ۾ خطاب ڪيو. هن 22 جنوري 1998ع ۾ روڊ حادثي ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ انچولي سوسائٽيءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو